پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي

پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي (ڪتاب ):شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو لکيل هي ڪتاب 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. 186 صفحن تي مشتمل هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب جي قيمت اڍائي رپيا آهي. هن ڪتاب تي پابندي به لڳي هئي. هن ڪتاب ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جون قومي اسيمبليءَ ۾ پرڏيهي پاليسيءَ تي ڪيل اهي تقريرون شامل آهن، جن جي ٻولي دانشوراڻي آهي. ڀُٽي صاحب جا خيال ڪٿي سڌيءَ طرح ۽ ڪٿي اڻ سڌيءَ طرح آمريڪا جي خلاف آهن. جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ ڪشمير جو مسئلو فوڪس ڪيل آهي، پر ايشيا ۾ چين جي اهميت تي به زبردست دليل ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان انهن مسئلن کي ڇيڙيو آهي، جيڪي اهميت جوڳا آهن. هن ڪتاب ۾ ڀٽي صاحب پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو جيڪو خاڪو پيش ڪيو آهي، اهو خودمختيار ۽ آزاد پرڏيهي پاليسيءَ وارو آهي. ان پرڏيهي پاليسيءَ ۾ ڏکڻ ايشيا جي حالتن جو غور سان جائزو ورتو ويو آهي. هي ڪتاب بين الاقوامي تعلقات ۽ پوليٽيڪل سائنس جي شاگردن لاءِ هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي، هن ڪتاب تي جنرل ضياءَ جي حڪومت پاران پابندي وِڌي وئي هئي. جنرل ضياءَ کي ايشيا جو ماڊل ڊڪٽيٽر ان ڪري چيو ويندو آهي جو ايشيا ۾ هن جهڙو سفاڪ آمر ڪو به نه ٿيو آهي. هن هر قسم جي سياسي سرگرمين تي بندش سان گڏ سياسي لٽريچر ۽ پمفليٽن تي به پابندي وڌي. سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي پابنديون لاڳو ڪيون. جنرل ضياءَ الحق، ذوالفقار علي ڀٽي کان ڇرڪيل هو، ان ڪري ديوار تي لکيل نعرو يا اهڙو ڪتاب، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو نالو هوندو هو، ان کي غيرقانوني قرار ڏنو ويندو هو. ان ڪري ئي سندس ڪتاب ”پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي“ تي به پابندي لاڳو ٿي. هي ڪتاب ذوالفقار علي ڀٽي جي دؤر ۾ سرڪاري طرح شايع ٿيو هو ۽ هر اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيءَ جي لائبرريءَ ۾ موجود هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو